پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاھه ۾ ڪربلا جي شھيدن جو چاليھو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ۾ ڪربلا جي شھيدن جو چاليھو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. ڪالهه صبح جو قومي شاھراھه کان پيادل قافلو ڀٽائي خاندان جي ساداتن سميت مجاھد شيخ، جمشيد مري، اللھ جڙيو شيخ، علاما جواد احمد ھادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو. جنھن ۾ مردن سان گڏ وڏي انگ ۾ عورتن به ھٿن ۾ الم پاڪ کڻي درگاھه ڀٽائٔي تائين مارچ ڪيو. جيڪو درگاھن جي صحن ۾ پھچي اختتام پذير ٿيو. جڏھن ته چاليھي جو مرڪزي جلوس آغا امام بارگاھه تان سيد گدا حسين شاھه لطيفي، سيد فدا حسين شاھه ۽ ٻين جي سربراھي ۾ برآمد ڪيو ويو. عزادارن پاران سينا زني، نوحا خواني ۽ زنجيرزني ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button