اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ۾ مختلف ڪيسن جي شنوائي لاءِ 4 ريگيولر بينچون قائم

اسلام آباد : چيف جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ ۾ سومر کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي دوران مختلف اهم ۽ عام نوعيت جي ڪيسن جي شنوائي لاءِ 4 ريگيولر بينچون جوڙيون آهن. سومر 19 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ روزاني جي سول، سروس، فوجداري، بينڪنگ ۽ ٽيڪس سان لاڳاپيل اهم ڪيس ٻڌڻي هيٺ ايندا. اڱاري 20 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ داخل اهم ڪيسن جي شنوائي ٿيندي جن ۾ توهين رسالت بابت دانش ڪوثر جي اسٽيٽ نالي ڪيس جي شنوائي پڻ شامل آهي، جنهن جي شنوائي ڪورٽ نمبر چار ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪندي. اربع 21 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي هيٺ اهم ڪيسن ۾ ناڻي واري وزارت جي ملازمن جي سروس پينشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪورٽ نمبر هڪ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪندي. اهڙي طرح اردو ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيڻ بابت داخل درخواست تي شنوائي پڻ ڪورٽ نمبر هڪ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪندي. روبينا فاروق اسٽيٽ نالي نيب ذريعي ڪيس جي ٻڌڻي (جيڪا ڏوهاري بدعنواني تي جاچ آفيسر خلاف جاچ بابت آهي) ڪورٽ نمبر هڪ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪندي. جڏهن ته ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيڻ جي نيب ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي شنوائي ڪورٽ نمبر چار ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button