اسلام آبادپاڪستان

113 اڏامون متاثرن لاءِ سامان کڻي پاڪستان پهتيون:پرڏيهي آفيس

اسلام آباد:پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ پرڏيهه مان امدادي اڏامن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. هن وقت تائين 113 اڏامن ذريعي امدادي سامان پاڪستان پهچايو ويو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس مطابق ٻوڏ متاثرن لاءِ هن وقت تائين گڏيل عرب امارتن مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف مان 2، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر طرفان 13، ترڪمانستان مان هڪ، اردن مان هڪ، خوراڪ واري عالمي اداري طرفان 3، آمريڪا مان 21، نيپال مان هڪ، سعودي عرب مان 2، برطانيه مان هڪ ۽ اومان مان 4 اڏامون سامان کڻي پاڪستان پهتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button