پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ماتمي جلوس، زنجيرن ۽ ڇرين سان ماتم

مٺي: مٺي ۾ امامن جي چھلم تي مختلف امام بارگاهن کان نڪتل ماتمي جلوس شعيب ابو طالب امام بارگاهه تي مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿيڻ بعد زنجيرن ۽ ڇرين تي ماتم سان پنهنجي منزل تي نهر ٿيو ، شعيب ابو طالب امام بارگاه تان روانو ٿيل مرڪزي جلوس ۾ هزارين عزادارن پاران زنجيرن ۽ چرين تي ماتم ڪيو ويو ، ماتمي جلوس ڪشمير چوڪ تان ٿيندو ملوڪ امام بارگاهه ۽ ڪنڊل شاهه امام بارگاهه کان ٿيندو واپس پنهنجي منزل تي نهر ٿيو، چهلم جي ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي ۽ پوليس سان گڏ رينجرس جا نوجوان پڻ حفاظتي انتظامن لا مقرر ڪيا ويا هئا، ماتمي جلوسن جي گذرگاهوارن رستن کي سيل ڪيو ويو ۽ ايندڙ ويندڙ رستن تي سختي سان چيڪنگ ڪئي ويئي هئي، عزاداري دوران زخمي ٿيندڙ عزادارن کي سول اسپتال مٺي منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button