پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، پي ۽ ڌي فوت

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهه هڙي لڳ ڊاسوڙي ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب همراهه معصوم نياڻي سميت فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ڳوٺ عبدالجبار ٿيٻو روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ميل موري جي ڳوٺ تارو ڀيل جا رهواسي موٽرسائيڪل سوار 30 ورهين جو ڄيٺو ڀيل ۽ سندس 8 ورهين جي ڌي انيتا ڀيل موقعي تي فوت ٿي ويا، جن جا لاش هڪ ڪلاڪ تائين روڊ تي پيل رهيا. حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو. اطلاع تي پيارو لنڊ پوليس پهچي پي ڌي جا لاش کڻائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس ڪارروائي ڪندي ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ ورتي. پي ۽ ڌي جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button