اسلام آبادپاڪستان

حڪومت تڪڙين چونڊن جي تاريخ ڏي ته ڳالهائڻ لا تيار آهيون:تحريڪ انصاف

اسلام آباد : تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ تڪڙيون چونڊون اڻٽر آهن، حڪومت تڪڙين چونڊن تي ڳالهائي ته تيار آهيون. اسلام آباد ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس جي فيصلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ پنهنجي تنظيمن کي مهانگائي خلاف سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. حڪومت چونڊن جي تاريخ نه ڏني ته ٻن هفتن ۾ فائنل سڏ ڏنو ويندو، سمورا ورڪر سيپٽمبر جي ڪال جو انتظار ڪن. سندس چوڻ هو ته عبوري حڪومت جلد اچڻي ئي اچڻي آهي، ٻيو ڪو حل ناهي، پاڪستان ۾ ڪنهن ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جو آئين ۾ ذڪر ناهي، ائين ٿيو ته سڌو مارشل لا سمجهيو ويندو. فواد چوڌري چيو ته ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيا، ٻوڏ جي تباهين تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، پئسو جلد متاثرن تي خرچ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button