تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت کي چتا ڏيندي چيو آهي ته ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ ڏيو، جيڪڏهن پرامن انقلاب جو رستو روڪيو ويو ته راند سڀني جي هٿن مان نڪري ويندي. چارسدا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان سازش ذريعي ملڪ تي مڙهيل چورن کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، اڃا به وقت آهي ته عام چونڊون ڪرايون وڃن، نه ته اهڙو انقلاب ايندو، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچندو، حقيقي آزادي جو سڏ تمام جلد ڏيندس، جنهن ۾ چارسدا جي عوام کي به ساٿ ڏيڻو آهي. هن چيو ته اسان کي سپر پاور جي غلامي ناهي ڪرڻي ۽ نه ئي ڊپ وچان ڪنهن جي جنگ ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، اسان کي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي آزاد بڻائڻو آهي، آمريڪا جي خواهش هئي ته پاڪستان ۾ اهڙو حڪمران اچي جنهن کي جڏهن به حڪم ڪري ته هو بوٽ پالش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، شهباز شريف دنيا جي سامهون قوم کي شرمسار ڪيو آهي پر اهڙو به وقت ايندو جڏهن پاڪستاني سڄي دنيا ۾ فخر سان گهمي سگهندا. تحريڪ انصاف چيئرمين وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شي ناهي، جيڪڏهن اسان جي مطالبي تي اليڪشن ڪرائي وڃي ها ته ملڪ جون حالتون بهتر ٿي وڃن ها، هي حڪومت ڪجهه به ڪري وٺي، صحافين جا وات بند ڪري وٺي، سياسي مخالفن تي ڪيس داخل ڪرائي پر مئچ کٽي نٿي سگهي، حڪمران اڳيئي مات کائي چڪا آهن، اليڪشن ۾ جيتري دير ٿيندي، اسان جي معيشت اوترو ئي تيزي سان هيٺ هلي ويندي، اڄ سڄو پاڪستان ٻڏل آهي پر ڪير پئسا ڏيڻ لا تيار ناهي، سنڌ جي حالت سڀ کان وڌيڪ خراب آهي پر ڪير به مدد نه ڪري رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close