پاڪستان

ٻوڏ جي موتمار وهڪرن وڌيڪ 37 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، 92 ڄڻا زخمي

سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ جي پاڻي وڌيڪ 37 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، جنهن بعد مجموعي طور جاني نقصان 1545 تائين پهچي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق ملڪ جي چئني صوبن اندر ٻوڏ سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف واقعن ۾ 92 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته هيل تائين ٻوڏ جي نتيجي ۾ زخمين جو انگ 12 هزار 850 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن وڌيڪ 50 ڪلوميٽر روڊ رستا تباهه ٿي ويا، جڏهن ته هيل تائين هڪ لک 4 هزار 72 ڪلوميٽر روڊ متاثر ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب جاني نقصان ۽ مواصلاتي نظام متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ 3 هزار اسڪول پڻ تباهه ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 3 لک کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم جو سلسلو رڪجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button