پاڪستانسنڌ

ڪلوئي لڳ اغوا بعد وارثن حوالي ڪيل جوان ڇوڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪلوئي: ڪلوئي ڀرسان شاهھ موري وٽان نوجوان ناري افشانه سومرو کي 3 بااثر هٿياربندن اغوا ڪري ورتو، جنهن بعد بااثر ماڻهن وٽ جرڳو ڪوٺايو ويو ۽ ڇوڪري کي وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن جي وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ نظر اچي رهيو آهي ته ڇوڪري کي وارثن حوالي ڪندي اسٽامپ پيپر تي وارثن، علائقي جي بااثرن ۽ الزام هيٺ آيل ماڻهن کان صحيحون ورتيون ۽ ساک پڻ ورتي وئي. هوڏانهن انصاف نه ملڻ تي افشانه سومرو زهريلي جيت مار دوا پي ڇڏي، جنهن کي مٺي اسپتال آندو پئي ويو ته هو فوت ٿي وئي. مليل ڄاڻ موجب ڇوڪري جو سندس گهر ۾ مڱڻي جو پروگرام پڻ رکيل هو، سندس اغوا واقعي بعد وارثن علائقي جي معززن کي انصاف ڏيارڻ لا دانهون ڪري منٿون ڪيون. رابطو ڪرڻ تي افشانه جي ڀا زاهد سومرو ٻڌايو ته منهنجي والد جي فوت ٿيڻ بعد نوڪري لاءِ ڪاغذ ٺهرائڻ لا حيدرآباد ويل هئس، پويان نامعلوم ماڻهن 4 ڏينهن اڳ ڀيڻ کي اغوا ڪيو، بعد ۾ بعد 4 ڪلوميٽر اڳيان ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو ته ڀيڻ روڊ تي روئي پئي ۽ رڙيون پئي ڪري. هن چيو ته اسان علائقي جي معززن کي دانهون ڏنيون، صبح سوير ڳوٺ مهمان آيل هئا، انهن کي چانهھ پياري واپس گهر پهتس ته ڀيڻ افشانه زهريلي دوا پي ڇڏي، پڇا ڪئي ته هن ٻڌايو ته اها دوا بخار جي آهي، جنهن بعد ڀيڻ جي طبيعت انتهائي خراب ٿي وئي، اسان مٺي کڻي وڃي رهيا هئاسين ته وچ رستي ۾ فوت ٿي وئي، منهنجي ڀيڻ پاڻي ڀرڻ وڃي رهي هئي ته جوابدارن کيس اغوا ڪيو. هن گهر ڪئي ته نوٽيس کڻي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او ڪلوئي علي حسن چانگ چيو ته آئون ايل بي او ڊي سم نالي تي ڊيوٽي تي آهيان، اي ايس آئي کي موڪليو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button