مٺي: مٺي ۾ اٽي جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا. مٺي سميت ٿر جي سمورن شهرن ۾ اٽو من پسند اگھه تي مهانگو وڪرو ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان کان اڳ شهرين اسلام ڪوٽ موڙ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت پڻ ڪيو. ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ گھنشام مالهي، سماجي اڳواڻ اڪبر درس، بي آئي ايف اڳواڻ گومون ڀيل، نهال ڀيل، پهلاج ڀيل، لالا مهيش ۽ ٻين احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ اٽي جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن، غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني لا پريشان آهن، ٿر ۾ هن وقت اٽي جي هڪ مڻ جي قيمت 4500 رپين تائين پهچي وئي آهي، هٿرادو اگهن سبب عوام 2 ويلا ماني لا پريشان آھي. هنن چيو ته سنڌ ۾ هڪ طرف ٻوڏ آهي، ٻئي طرف سنڌ حڪومت اٽي جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گدامن ۾ پيل ڪڻڪ سستي اگهه ۾ فلور مالڪن کي ڏئي اٽي جا اگهھ گهٽايا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close