آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي ڪميٽي جي چيئرمين باب ميننڊز پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لا مليل امداد کي هڪ ڦڙي برابر قرار ڏيندي عالمي ڊونرز ڪانفرنس گهرائي ڊزاسٽر پئڪيج ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. نيو جرسي ۾ آمريڪي ڪميٽي طرفان فنڊ جمع ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي باب ميننڊز چيو ته ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيل پاڪستان کي ڏنل امداد سڄي بالٽي ۾ هڪ ڦڙي کان وڌيڪ ناهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستاني عوام جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. آمريڪي سينيٽر تجويز ڏني ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي واري پروگرام لا عالمي ڊونرز ڪانفرنس ڪوٺائڻ گھرجي ته جيئن وڌ کان وڌ فنڊ جمع ٿي سگهن. باب ميننڊز پنهنجي حڪومت کان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لا ڊيزاسٽر پئڪيج ۽ آ ايم ايف کان به وڌيڪ رليف پروگرام ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي وڌيڪ رليف ملڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته يوڪرين ۽ افغانستان جيان آمريڪا ۾ ترسيل پاڪستانين کي عارضي تحفظ وارو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ هي معاملو مان پاڻ صدر جو بائيڊن اڳيان رکندس. اجلاس ۾ پاڪستان جو دورو ڪندڙ ڪانگريس ميمبر شيلا جيڪسن به اکين ڏٺو حال آمريڪي سينيٽ کي ٻڌايو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ ۾ 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو لڳي سگھي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close