ڪراچي ۾ بيرحم شخص اسڪول مان مليل هوم ورڪ نه ڪرڻ تي پنهنجي 12 ورهين جي پٽ کي جيئرو ساڙي ماري ڇڏيو. مليل ڄاڻ موجب ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ پي هٿان پٽ جي دردناڪ موت جو واقعو 14 سيپٽمبر تي پيش آيو، ٻارنهن سالن جو معصوم ٻارڙو ٻن ڏينهن تائين اسپتال ۾ علاج باوجود تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، پوليس ٻار جي قاتل پي نذير خان کي گرفتار ڪري ڪيس به داخل ڪري ورتو آهي. قتل ٿيل ٻار جي ماءُ جو چوڻ آهي ته سندس پٽ شهير هوم ورڪ نه ڪري رهيو هو، جنهن تان منهنجي مڙس نذير کيس ڪاوڙ وچان مٿس ٿنر ڪيميڪل اڇلائي ڇڏيو، واقعي بعد مان مڙس کان ايترو ڊڄي وئي هئس جو پوليس وٽ رپورٽ به داخل نه ڪرائي سگهيس. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار نذير خان بيروزگار هو ۽ هر ننڍي وڏي ڳالهه تان گهرڀاتين تي ڪاوڙ ڪندو هو، جوابدار جو موقف آهي ته هن گهر ۾ رنگ روغن لا ٿنر آندو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close