پاڪستان

دٻا ۽ بليڪ ميلنگ نامنظور، چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون، نواز- شهباز ملاقات ۾ اتفاق

وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف اهم ملاقات ۾ دٻا باوجود عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته حڪومت آئيني مدو پورو ڪندي ۽ وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ لا ڪنهن جو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. تفصيل موجب برطانيا پهتل وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀا ۽ پارٽي سربراهه نواز شريف سان لنڊن ۾ سندس پٽ حسن نواز جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ناڻي وارو اڳوڻو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سلمان شهباز به موجود هئا. اها اهم ملاقات لڳ ڀڳ ساڍا 3 ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن ۾ وزيراعظم پارٽي سربراهه کي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سان ڪيل صلاح مشورن بابت آگاهي ڏني ۽ ٻوڏ جي تباهين توڙي بحالي وارن ڪمن بابت پڻ تفصيل ٻڌايا، ان سان گڏوگڏ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف پارٽي سربراهه نواز شريف سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت سمورو ڌيان ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ معيشت کي بهتر ڪرڻ تي آهي، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سمورا اتحادي عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جا حامي آهن، اتحادين سان ملي پاڪستان کي پريشانين مان ڪڍيو ويندو، ڪنهن جي به هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. نواز شريف ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ضابطي لا وزيراعظم شهباز شريف کي تڪڙا قدم کڻڻ تي زور ڀريندي چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف ٻوڏ متاثرن لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيو آهي، حڪومت کي بحالي واري ڪوششن ۾ تيزي آڻڻ گهرجي. ٻئي طرف لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي، عوام به عطيا فراهم ڪري رهيو آهي، دوست ملڪ پڻ مدد ڪري رهيا آهن، وفاق ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجو فرض ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ اين ڊي ايم اي به ڪم ڪري رهي آهي، متاثرن لاءِ حڪومت طرفان 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏئي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. هوڏانهن بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته نوازشريف منهنجو ليڊر ۽ پاڪستان جو اثاثو آهي، ان سان انصاف ٿيڻ گهرجي، نواز شريف سان جيڪا زيادتي ڪئي وئي، ان جو ازالو ٿيڻ گهرجي، اسان نٿا چاهيون اهڙو ڪو فيصلو ڪريون جنهن سان ڏکيايون وڌي وڃن. اسان چونڊن کان نه پيا ڀڄون، ايندڙ عام چونڊون آگسٽ 2023ع ۾ ٿينديون. هن چيو ته پنجاب ۾ تبديلي ۽ پرويز الاهي هڪ ڌاڳي سان لڙڪيل آهي ۽ اهو ڌاڳو ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿو، اپوزيشن پاران آرمي چيف جي مقرري تي سياست ڪرڻ بدقسمتي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نوازشريف جلد پاڪستان ايندو جيڪڏهن نوازشريف کي سڀاڻي پاڪستان اچڻو آهي ته مان چاهيان ٿو ته هو اڄ ئي اچي وڃي. خواجه آصف چيو ته فوج پاڪستان جي دفاع جو ضامن ادارو آهي. آرمي چيف جي مقرري جي موضوع تي بحث نه ڪرڻ گهرجي، فوجي سربراهه جي مقرري جي پريشاني صرف عمران خان کي آهي، ٻيو ڪنهن کي به ناهي، فوج کي يا آرمي چيف جي مقرري کي سياست جو موضوع بنائڻ سان اداري کي نقصان ٿيندو، نئين فوجي سربراهه جي مقرري روايت مطابق ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button