مسڻ وڏي: مسڻ ٿاڻي جي حد يوسي دريا خان مري ۾ 12 سالن جو ٻارڙو برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو رپورٽ موجب مسڻ ٿاڻي جي حد يوسي دريا خان مري جي ڳوٺ ٽيل موري جي مھراڻ فارم وٽ صبح سوير بيٺل برساتي پاڻي ڀرسان راند ڪندي 12 سالن جو کيمچند پٽ ڪرمشي ڪولھي برساتي پاڻي ۾ ڪري ٻڏي ويو، نينگر جي گهر نه موٽڻ تي وارثن ڳولا ڪئي ته گهرن ڀرسان بيٺل پاڻي مان سندس لاش مليو، جيڪو ٻاهر ڪڍي گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. وارثن ٻڌايو ته برساتي پاڻي سبب گهرن ۾ اچڻ وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، اسان جا ٻار راند برساتي پاڻي ڀرسان ڪن ٿا، ٿي سگهي ٿو ته کيمچند گهر اچڻ وقت پاڻي ۾ ڪري پيو هجي يا وري راند ڪندي ٻڏي فوت ٿي ويو هجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close