ڊگھڙي: جهڏو ڀرسان ڳوٺ منظور علي شاھه ديھه 370 جي رهواسڻ رامي زال رامچند ڪولهي مبينا طور زرعي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جهڏو کان ڊگهڙي ريفر ڪيو ويو، پر رستي ۾ عورت دم ڏئي ڇڏيو، عورت جو لاش تعلقي اسپتال آندو ويو. اطلاع تي سندس ما مانو ۽ ڀا دولت ڪولهي تعلقي اسپتال پهتا. جتي عورت جي ما الزام مڙهيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، نياڻي کي سندس سهري وارا تنگ ڪندا هئا، ڌي کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، نوٽيس کڻي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ مدد علي خان قائمخاني کڻائي وڃي رهيا هئا ته پر پاڻي هجڻ سبب جهڏو هليا ويا، متاثر هن وقت ٻوڏ سب ٽنڊو غلام علي روڊ تي پناهھ وٺي ويٺل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close