ڪوٽڙي: ڄامشوري جي رليف ڪئمپ ۾ رهندڙ قمبر-شهدادڪوٽ واسي ٻوڏ متاثر نوجوان علي نواز چانڊيو بخار سبب لمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، وارثن اسپتال جي ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام هڻندي چيو ته لمس اسپتال جي ڊاڪٽر لاپرواھي ڪئي ۽ غلط انجيڪشن لڳائي جنهن سبب اسان جو نوجوان فوت ٿيو آهي. ٻوڏ متاثر فوتي نوجوان جو لاش کڻڻ لا لمس انتظاميا ٽي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ايمبولينس فراھم نه ڪئي، جنهن بعد شهرين پاران ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ويو. جڏهن ته ضلعي انتظاميا مڪمل طور تي لاتعلق بڻيل رهي، ڪنهن به آفيسر ڪابه مدد نه ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close