پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ گيسٽرو ۽ بخار سبب ٻوڏ متاثر معصوم نينگر فوت

فريدآباد: فريدآباد ۾ ڳوٺ ڪڙيو سڀڙ خان جا رھواسي ٻوڏ متاثر 10 ورھين جو معصوم نينگر گيسٽرو ۽ بخار سبب سرڪاري اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، لاش کي چمبڙي ما جون دانھون، خبر موجب فريدآباد ۾ ڳوٺ ڪڙيو سڀڙ خان جي رھواسي ٻوڏ متاثر 10 ورھين جي نينگر نويد پٽ حسين بخش ساکاڻي کي وارثن گيسٽرو ۽ تيز بخار ھجڻ جي ڪري سرڪاري اسپتال فريدآباد ۾ آندو، جتي هو فوت ٿي ويو، ٻارڙي جي ما لاش کي چنبڙي دانھون ڪرڻ لڳي. ھوڏانھن سماجي اڳواڻ غلام مصطفى چانڊيو سرڪاري اسپتال پھچي معصوم ٻارڙي جي وارثن کي 10 ھزار روڪ، راشن ۽ لاش کڻائڻ لا لوڊر رڪشو ڪرائي ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button