پاڪستانسنڌ

خيرپور ناٿن شاھه ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لا شهرين جو مظاهرو

خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاھه جي شهر مان ٻوڏ جي پاڻيءَ جي نيڪالي، بجلي جي بحالي ۽ شھر ۾ اسپري سان گڏوگڏ صفائي ڪرائڻ لا پي ٽي آئي ۽ ڪي اين شاهه بحالي تحريڪ جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شعبان ملاح، ڊاڪٽر شاھنواز گاڏھي، احمد سنڌي، فقير محمد شيخ، سھيل چانڊيو، عمران حسن گاڏهي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھر کي ھٿ وٺي ھڪ دفعو ٻيھر ٻوڙايو ويو آهي، چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميه مڪمل طرح سان فرار ٿي وئي آهي، شھر ۾ ڦاٿل ماڻھن کي ڪوبه رليف فراهم نه ڪيو ويو آهي.

جيڪي ھن وقت به بي يارو مددگار ويٺل آهن ۽ لکين خاندان دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن، شھر ۾ ھن وقت به ھزارين ماڻھون ترسيل آھن ۽ پاڻيءَ جي لاٿ اچڻ کانپوءِ شھر ۾ سوين فيملي جي واپسي اچڻ وارو سلسلو جاري آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته شھر مان پاڻي جي لاٿ کانپوءِ شھر ۾گند ڪچري جي ڪري مليريا، چمڙي ۽ ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته شھر جي بجلي، پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ سان گڏ ميڊيڪل ڪيمپ ۽ شهر جي صفائي جو انتظام ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button