اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج ۽ پوليس کي ڌمڪين بابت ڪيس مان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. تفصيل مطابق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج ۽ پوليس کي ڌمڪين بابت ڪيس مان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ عمران خان خلاف داخل دهشتگردي واري ڪيس ختم ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. شنوائي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته عمران خان ايڪشن جي ڳالهه ڪئي جيڪا قانوني ايڪشن جي ڳالهه هئي، آءِ جي پوليس ۽ ڊي آءِ جي تي پڻ ڪيس جي ڳالهه ڪئي وئي، درخواست متاثر ڌرين طرفان اچڻ گهرجي ها ته بيان سبب هو خوفزدا ٿي ويا هئا، هي ڪمپيوٽر ٽائپ درخواست هئي جنهن پٺيان ڪو ماسٽر مائنڊ آهي، دهشتگردي جو ڪيس ڊپ ۽ دهشت جي فضا پيدا ڪرڻ تي ٺهي سگهي ٿو، رڳو اهڙي فضا پيدا ڪرڻ جي امڪان تي ڪيس نٿو ٺهي سگهي، عمران خان تي ٺهيل ڪيس عالمي سطح تي ڪهڙو تاثر ڇڏيندو؟ جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته في الحال ان معاملي تي بحث نٿا ڪريون، جيڪو ڪيس هلي رهيو آهي ان تي ڳالهايو وڃي. عمران خان جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ ريلي ۾ اهڙو بيان ڏنو جنهن تي ڪيس ٺهيو، تقرير تي دهشتگردي جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ قانون کي مذاق بڻائڻ جهڙو آهي. اسپيشل پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته عمران خان خلاف ڪيس سان سيڪشن 186 ڪڍي وئي آهي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل جو چوڻ آهي ته جيڪا سيڪشن ڪڍڻ گهربي هئي اها ختم ناهي ڪئي وئي، عدالت چالان داخل ڪرائڻ کان روڪيو هو پر پوليس چالان تيار ڪري رکيو آهي. عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪيس مان دهشتگردي جي قلمن کانسوا ٻين قلمن تحت لاڳاپيل فورم تي ڪارروائي جاري رهندي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا نااهلي ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ توشاخانا ظاهر نه ڪرڻ تي عمران خان نااهلي ريفرنس تي شنوائي ٿي، شنوائي دوران مسلم ليگ ن جي وڪيل خالد اسحاق موقف اختيار ڪيو ته ريفرنس ۾ سوال عمران خان طرفان تحفا ظاهر نه ڪرڻ جو هو، عمران خان جواب ۾ تحفا وٺڻ جو تسليم ڪيو اٿي، عمران خان اهو پڻ مڃيو آهي ته تحفا گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيا ويا. جڏهن ته عمران خان جي وڪيل علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته اسپيڪر ثبوتن پٽاندڙ عمران خان کي نااهل ڪرڻ وارو ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو، اسپيڪر اهو ريفرنس پنج ميمبرن جي درخواست تي فائل ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته 63 ٽو تحت درخواست داخل ڪئي وئي آهي. علي ظفر چيوته ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان توشا خانا تحفا اليڪشن ڪميشن کان لڪايا، وڌيڪ چيو ويو ته عمران خان 62 ون ايف تحت نااهل آهي ڇاڪاڻ ته هو صادق امين ناهي، اسپيڪر اهو فرض ڪري ريفرنس اليڪشن ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، ريفرنس ۾ اهو پڻ چيو ويو ته عمران خان ٽئڪس ريٽرن ۾ تحفا ظاهر ڪيا، 62 ون ايف تحت نااهلي وارو سوال ئي ناهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن اثاثا ظاهر ناهن ڪيا ته اسپيڪر ريفرنس ناهي موڪليندو، اهو اليڪشن ڪيمشن جو ڪم آهي، قانون اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي 120 ڏينهن ۾ ڪيس جي ڳالهه ڪري ٿو، قانون ۾ ائين ناهن لکيل ته 10 سالن کانپوءِ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، هي هڪ سياسي ڪيس آهي، اسان سڀ چالان، اثاثا، ٽئڪس ريٽرن جواب ۾ لڳائي ڇڏيا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته اهو به چوڻو آهي ته ڇا ڪنهن عدالت ڊڪليئريشن ڏني ته عمران خان صادق امين ناهي رهيو، جيڪڏهن عدالت جو ان حوالي سان فيصلو ناهي ته پوءِ اسپيڪر عمران خان جي نااهلي جو ريفرنس ڪيئن موڪلي سگهي ٿو. بئريسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، آئين تحت ڪميشن قائم ٿي، اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي، ڪميشن وٽ قانوني اختيار ته آهن پر اها عدالت ناهي. ڪميشن ميمبر چيو ته توهان جيڪي تحفا خريديا، رقم توشا خانا کي ادا ڪئي، اها رقم ڪٿان آئي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته اسان توهان کي اها ڳالهه نٿا ڏيکاري سگهون. اليڪشن ڪميشن ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عمران خان خلاف توشا خانا ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close