پاڪستان

جعلي ۽ اڻ رجسٽرڊ دوائن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي: عبدالقادر پٽيل

اسلام آباد: صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته سڄي ملڪ مان جعلي ۽ اڻ رجسٽرڊ دوائن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، جيڪي عنصر منظور ٿيل قيمت کان وڌيڪ اگهه تي دوائن جي وڪري ۾ ملوث هوندا ان جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سومر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته عوام کي معياري دوائون مسلسل فراهم ڪيون وينديون جعلي اڻ رجسٽرڊ ۽ غير معياري دوائن کان ملڪ کي پاڪ ڪنداسين. ان حوالي سان صحت واري وزارت جي ترجمان چيو ته عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي جعلي ۽ اڻ رجسٽرڊ دوائن جي ڪاروبار لاءِ ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي. سينيئر ڊرگ انسپيڪٽر جي اڳواڻي ۾ ڊرگ ڪنٽرول هيلٿ ڊپارٽمينٽ اسلام آباد جو ايف آئي اي سان گڏ آئي ٽي مرڪز ۾ ڇاپو هنيو ويو. هن چيو ته ڇاپو اڻ رجسٽرڊ ۽ اسمگل ڪيل دوائن جي اطلاعن تي هنيو ويو ان دوران اڻ رجسٽرڊ ۽ پابندي پيل دوائن جي ڳري مقدار کي قبضي ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته ڊليوري آفيس کي سيل ڪرڻ کان پوءِ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي گرفتار ماڻهن تي ڊريپ ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هڪ ٻي ڪارروائي ۾ گولڙه ۾ به اڻ رجسٽرڊ دوائون هٿ اچڻ تي هڪ فارميسي کي سيل ڪيو ويو آهي ڊريپ جي ٽيم ڪراچي ۾ 2 وڏيون ڪارروايون ڪيون آهن. هن چيو ته ڊرگ ڪنٽرول ٽيم ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ۽ سنڌ پوليس سان گڏ سعود آباد ۾ ريڊ ڪئي جتي اڻ رجسٽرڊ دوائن جي پروڊڪشن جاري هئي، ڪچو مال، پيڪنگ مٽيريل ۽ سمورين دوائن کي تحويل ۾ وٺي سيل ڪيو ويو پوليس ملوث ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ٽيم ڪراچي ۾ فارما ڊسٽري بيوٽر گلشن اقبال ۾ ڇاپو هنيو ڇاپي دوران بغير وارنٽي جي ڳري مقدار ۾ اڻ رجسٽرڊ سائيڪو ٽراپڪ نارڪوٽڪس يعني نشي جون دوائون تحويل ۾ ورتيون. هن چيو ته جوابدارن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button