نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز پنجاب ۾ پارٽي جا معاملا سنڀالي ورتا آهن، هن مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله ۽ جنرل سيڪريٽري اويس لغاري کي صوبي ۾ غير فعال آفيسرن بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ذريعن موجب مريم نواز پنجاب ۾ نواز ليگ جي تنظيم سازي تي غور ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ هن ضلعي عهديدارن سان ذاتي طور فون تي رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ انهن کان سندن ڪارڪردگي بابت پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب مريم نواز صوبي ۾ سرگرم اڳواڻن کي پارٽي جا عهدا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان کان اڳ اڳوڻو وڏو وزير حمزا شهباز پنجاب ۾ نواز ليگ جا سياسي معاملا ڏسندو رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close