پاڪستان

قومي ايئرلائن جي جهاز ۾ دري ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ مسافر گرفتار

پشاور کان دبئي ويندڙ پي آ اي جي اڏام دوران دري کي لتون هڻي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب پي آ اي جي اڏام پي ڪي-283 ۾ اساما عبدالله نالي شهري سفر ڪري رهيو هو، جنهن اوچتو عجيب حرڪتون شروع ڪري جهاز جي دري کي لتون هڻي نقصان پهچايو، جنهن بعد ايويئيشن قانون تحت مسافر تي سختي ڪري سندس هٿ پير ٻڌا ويا، هن جهاز جي عملي تي به حملو ڪيو، جنهن بعد سيڪيورٽي طلب ڪري دبئي ۾ جهاز لهڻ شرط اساما نالي مسافر کي سيڪيورٽي اهلڪارن جي حوالي ڪيو ويو. پي آ اي اختيارين موجب اهو واقعو 14 سيپٽمبر تي پيش آيو هو، جنهن ۾ ملوث مسافر کي ڊي پورٽ ڪري آئنده سفر لا بليڪ لسٽ پڻ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button