وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي اڪيلائي مان نڪري آيو آهي، پنهنجو وڃايل مقام جلد ٻيهر حاصل ڪري وٺندو. لنڊن ۾ پاڪستاني ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انشا الله پاڪستان کي عظيم مملڪت وارو درجو ٻيهر ڏيارينداسين، ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لا ضروري آهي ته سڀ گڏجي محنت ڪريون ۽ هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ کان پاسو ڪريون. هن وڌيڪ چيو ته ڪوڙ، غلط بياني ۽ ٻين تي الزام هڻڻ بدران سدائين سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪرڻي پوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close