تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف ميرٽ تي مقرر ڪيو وڃي، آصف زرداري ۽ نواز شريف ڪڏهن به ميرٽ تي سليڪشن نٿا ڪري سگهن، مونکي جيترو به دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا اوترو ئي ڀرپور مقابلو ڪندس. چڪوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي سمجهن ٿا ته ڊيڄاري ۽ ڌمڪيون ڏئي چورن جي حڪومت تسليم ڪرائي وٺندا پر ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، منهنجي خلاف دهشتگردي جو ڪيس ٺاهيو ويو، شهباز گل کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪيو ويو، پنهنجي حامين کي چوان ٿو ته خوف جا بت ڊاهي ڇڏيو، جيڪو ڌمڪيون ڏئي ان کي واپس ڌمڪي ڏيو، هي ماڻهو ڌمڪيون ڏيڻ وارا ڪير ٿيندا آهن، هنن کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي ڪري وٺن، اسان تيار آهيون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري کي ميرٽ جي ڪهڙي خبر، انهن کي ته پنهنجي خاندان کان سوا ٻيو ڪير نظر ئي نٿو اچي، حسن نواز 10 ارب رپين جي گهر جي هڪ رسيد به ڏيکاري نه سگهيو آهي، اهڙا ماڻهو ملڪ جو آرمي چيف چونڊيندا؟ ڇا ماڻهن هنن کي آرمي چيف جي سليڪشن ڪرڻ ڏيندا، ڊي جي آ ايس پي آر کان سوال پڇان ٿو ته توهان کي گهٽ ۾ گهٽ اهو سمجهڻ گهرجي ها ته مان ڇا چئي رهيو آهيان، اڄ سڄي قوم ان ڳالهه تي مون سان گڏ بيٺل آهي ته هنن چورن کي آرمي چيف چونڊن نه گهرجي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ آئي آهي ۽ شهباز شريف توڙي بلاول ڀٽو پرڏيهه هليا ويا آهن، هي گڏيل قومن ۾ ڪهڙو ڦاڙهو ماريندا، امپورٽيڊ وزيراعظم کي ٻاهران گهرڻ بدران پنهنجو پئسو ملڪ ۾ واپس آڻڻ گهرجي، جيڪڏهن نواز شريف، آصف زرداري ۽ شهباز شريف 30 سالن ۾ لٽيل پئسي مان اڌ به واپس کڻي اچن ته ٻين کان گهرڻ جي ضرورت ئي نه پوي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close