آرمي چيف قمر جاويد باجوا جي هلي اچڻ تي چين پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لا انساني همدردي تحت هنگامي بنيادن تي 100 ملين يوآن امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو، دوست ملڪ مجموعي طور تي 500 ملين يوآن (15 ارب 80 ڪروڙ رپيا) امداد ڏيندو، پاڪستان سان فوجي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين ۾ موجود آهي، دوري دوران آرمي چيف چين جي بچاءُ واري وزير جنرل وي فينگهي سان ملاقات ڪئي. چين جي دفاع واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين پاڪستان ۽ فوج سان پنهنجن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو آهي ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين لاءِ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ تيار آهي. آءِ ايس پي آر موجب چين جي بچاءُ واري وزير ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ پاڪ فوج جي امدادي ۽ رليف وارن ڪمن کي پڻ ساراهيو، جڏهن ته آرمي چيف چين جي دفاع واري وزير جي جذبن ۽ پاڪستان لاءِ چين جي حمايت جاري رکڻ تي سندن ٿورا مڃيا. چين طرفان پاڪستان لاءِ انساني همدردي تحت هنگامي بنيادن تي 100 ملين يوآن امداد جو اعلان ڪيو ويو. چيني حڪومت پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن لاءِ مجموعي طور پنج سئو ملين يوآن امداد ڏيندي جيڪا اٽڪل 15 ارب 80 ڪروڙ پاڪستاني رُپيا ٿئي ٿي. آرمي چيف جي ڪوششن سان يو اي ايِ ۽ ٻين ملڪن وٽان به عالمي امداد آئي. ٻئي طرف چيني بچاءَ واري وزير جنرل وي فينگهي چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فوجي تعاون ٻطرفن لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، چين پاڪستان ۽ فوج سان وقتي آزمائشي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هن ٻوڏ سبب تباهي تي افسوس ظاهر ڪندي هر قسم جي تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته سي پيڪ جي ترقي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ وڌيڪ فائدا ۽ خوشحالي آڻڻ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close