پاڪستانسنڌ

درٻيلو ڀرسان ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، نوجوان قتل

ٺاروشاهه: ٺاروشاھه ڀرسان ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، نوجوان قتل، ڌريون مورچابند تفصيل موجب درٻيلو ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري 30 سالن جو نوجوان صدام پٽ نظير چانڊيو ٿڏي تي قتل ٿي ويو. جڏهن ته نوجوان جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون. ٻي پاسي ڀاڳوديرو ۽ پپري پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي واقعي واري هنڌ نه پھتي، جنهن بعد هٿياربندن جي هڪ ٻئي تي فائرنگ جو سلسلو جاري هو. مقتول نوجوان صدام چانڊيو جي پي نظير چانڊيو ٻڌايو ته دريا جو پاڻي لهي وڃڻ بعد پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس وياسين ته اسان جي زمين تي هٿياربند ويٺل هئا، جن اسان تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ منهنجو ڳڀرو پٽ قتل ٿي ويو آهي، ڀاڳوديرو ٿاڻي تي وياسين ته پوليس پپري ٿاڻي جي حد جو چئي موٽائي ڇڏيو ۽ پپري ٿاڻي وارا به حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل نٿا ڪن، جنهن ڪري وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو آهي. هوڏانهن جهيڙي بعد علائقي ۾ رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button