پاڪستانسنڌ

پڊعيدن ۾ پوليس صحافي کي وحشياڻو تشدد ڪري رتورت ڪري ڇڏيو

پڊعيدن: پڊعيدن ۾ رات دير سان علي بابا هوٽل تي ويٺل صحافي عبدالقيوم راڄپر تي اي ايس آئي راهب ڪلهوڙو ٻين پوليس اهلڪارن سان گڏجي وحشياڻو تشدد ڪري رتورت ڪري ڇڏي. جڏهن ته مقامي ماڻهن وچ ۾ پئي صحافي جي جان بچائي اسپتال پهچايو، جتان ڊاڪٽرن زخمي صحافي کي نوابشاهه ريفر ڪيو. ٻي پاسي صحافي تي تشدد جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي، پر اختيارين نوٽيس نه ورتو. ياد رهي ته 17 ڏينهن اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اي آيس آئي راهب ڪلهوڙو عورتن کان پئسا وٺي سينٽر ۾ داخل ڪري رهيو هيو ته صحافي قيوم راڄپر ڪوريج ڪئي هئي، جنهن بعد اي ايس آ صحافي کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون. ٻئي پاسي پڊعيدن پريس ڪلب جي صحافين عبدالقيوم راڄپر تي ٿيل تشدد خلاف ساجد علي جويو، ڪامران جويو، آزاد ابراهيم راڄپر، وقار راڄپر، مجيب الرحمان ڀريجو، انصاف راڄپر، حيدربخش پلھه ۽ ٻين احتجاج ڪندي آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته تشدد ڪندڙ اي ايس آئي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button