ڊگھڙي: ڊگهڙي ڀرسان ڪنگورو موري اسٽاپ ديھه 165 ۾ 25 آگسٽ تي برساتن جي نتيجي ۾ غلام محمد مڱڻهار جي گهر جي ورانڊي جي ڇت ڪري پئي هئي، جنهن سبب هڪ ئي ڪٽنب جا ڪل 6 معصوم ٻارڙا ۽ عورتون زخمي ٿي پيون هيون، جڏهن ته 8 ورهين جو معصوم ٻارڙو اذان ولد محمد حنيف مڱڻهار دٻجي فوت ٿي ويو هو، زخمين کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي ۾ طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيو ويو هو، جتي زخمي ٿيل عورت ڪلثوم زال حنيف مڱڻهار دم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن عورت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close