اسلام آباد: وفاقي وزير خورشيد شاهه ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏيندي ان مسئلي تي قومي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ڏانهن لکيل پنهنجي خط ۾ خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي انتهائي خطرناڪ آهي، آبادي ۾ تيزي سان واڌ وارن ملڪن ۾ پاڪستان جو پنجون نمبر آهي. خط جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي آبادي ۾ هر سال پنجاهه لک تائين واڌ ٿي رهي آهي، جيڪا انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪڏهن وڌندڙ آبادي جو ريشو ائين ئي رهيو ته ڪجهه ورهين اندر ملڪ جي آبادي ٽيهه ڪروڙ تائين پهچي ويندي.
خورشيد شاهه پنهنجي خط ۾ چيو ته اها واڌ گڏيل طور ملڪي وسيلن تي بري نموني اثرنداز ٿيندي، آبادي ۾ واڌ، صحت، تعليم، توانائي، رهائش، کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻين شعبن کي برادشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان رسندو. پ پ اڳواڻ پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ اهو معاملو صوبائي ضرور آهي پر صوبا ان معاملي تي ڪو ڪم نه ڪري سگهيا. هن مطالبو ڪيوته هن اهم ترين مسئلي تي فوري قومي ڪميشن جوڙي وڃي، ڪميشن ۾ چئني صوبن ۾ هڪجهڙي نمائندگي ڏني وڃي.