اسلام آبادپاڪستان

عمران خان لاءِ هڪ ئي جواب آهي، پاس ڪر نه ته برداشت ڪر: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان بلف ماسٽر آهي، عمران خان جي شهباز شريف جي خلاف بيان جو هڪ ئي جواب آهي، پاس ڪر نه ته برداشت ڪر، جنهن جا پنهنجا اعصاب نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي خوف ۾ جڪڙيل هجن، اهو ڪهڙي حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو؟ ڪالهه پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته عمران صاحب مريم نواز کي جيل ۾ وجهي سوچيو ڊيڄاري ڇڏيندو پر اُن جي ابتڙ هُو پاڻ مريم نواز جي ڊپ ۽ خوف ۾ اڄ تائين مبتلا آهي، شهباز شريف جي ٻاهرئين ملڪ دورن جي دوران واقعي توهان جي جان کي خطرو آهي، ڊاڪٽر پاڻ وٽ رکو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمراني حڪمت عملي، چاپلوسي ڪريو، بليڪ ميل ڪريو، ڌوئنس ڄمايو، بلف ڪردار ۽ پوءِ ڪوڙ ڳالهايو.

هن چيو ته عمران خان! ڌمڪيون، ڌوئنس ۽ بليڪ ميلنگ سان اقتدار ۾ واپسي نه ٿي ٿئي، عمران صاحب توهان ڊرپوڪ ماڻهو آهيو، نالو ٻڌايو ڪير ڌمڪي ڏي ٿو. هن چيو ته عمران صاحب چاپلوسي، بليڪ ميلنگ، بلف ۽ ڪوڙ سان اقتدار نه ٿو ملي. هن چيو ته سول ملٽري لاڳاپن ۾ توازن جا مشورا ڏيندڙ عمران خان جي ذهني توازن جو فڪر ڪن. عمران خان جو دماغي توازن خراب ٿي چڪو آهي، ڪڏهن نيوٽرل، ڪڏهن جانور، ڪڏهن الزام، ڪڏهن وضاحت، ڊڄڻو ۽ ڪوڙا جعلي ڪيس ٺاهي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو ۽ سوچيو ته شايد وقت نه بدلجندو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان لانگ مارچ جي ڪال 25 مئي تي به ڏني هئي، پوءِ “اسلامي ٽچ” ڏئي ڀڄي ويو. هن چيو ته عمران خان سهارن کانسواءِ ڊڄڻو، ڪوڙو ۽ منافق شخص آهي جنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته هو ڇا ڪري. ترجمان وضاحتن جون قلابازيون کائي کائي بيزار ٿي ويا آهن ۽ عمران صاحب سهاري جي خيرات گهري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button