ميرپورخاص: ميرپورخاص ضلعي ۾ مليريا جا 10 هزار ۽ ڊينگي جا 140 ڪيس ظاهر ٿيا، صحت کاتي جي مقامي عملدارن مريضن جي علاج لا ميڊيڪل ڪئمپون نه لڳايون. سڄي ضلعي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ گيسٽرو سبب ٻوڏ متاثر آزار ۾ آهن. سنڌ سرڪار به متاثر مريضن جي علاج لا ڪو نوٽيس ناهي کنيو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشوڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ مليريا ۽ ڊينگي جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. گذريل مھيني ۾ ضلعي اندر 7 ھزار 503 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته ھلندڙ مھيني ۾ 3 ھزار 105 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، اھڙي طرح مليريا ۾ مبتلا مريضن جو تعداد 10 ھزار 608 ٿي ويو آهي. گذريل مھيني ۾ ضلعي ۾ ڊينگي جا 80 ڪيس ظاهر ٿيا، ھلندڙ مھيني ۾ ڊينگي جا 60 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٻئي پاسي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ گيسٽرو جو مرض تيزي سان ڦھلجي رھيو آهي، پر صحت کاتو ميرپورخاص وبائي بيمارين کي روڪڻ لا وئڪسين ڪرڻ سميت ڪي قدم نه پيو کڻي، جيڪو انساني جانين لا نقصانڪار آهي. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته يوسي سطح تي ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري بيمارين کان بچاءُ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close