مورو: مورو ۾ مقتول نوجوان آصف علي جويو جي قاتلن جي گرفتاري لا ڳوٺ محمد خان جويو جي رھواسڻ سندس ما زرينا، نصرت جويو، محمد شريف جويو، جسقم جي شاھنواز ڀٽي، معصوم پٽ محمد علي جويو، امجد علي جويو، نياڻي دعا جويو، منور علي جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن ٻڌايو ته آصف جويو پنھنجي زال ۽ ما سميت انڪم سپورٽ جا پئسا ڪڍرائڻ آيو ته جوابدار محمد علي آرائيین، اصغر آرائيین، پپو سومرو ۽ يار محمد پيرزادو ڦر جو ڪوڙو الزام ھڻي گوليون ھنيون ۽ تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ۾ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو، پٽ جي قتل بعد فاقاڪشي تي مجبور آهيون. هنن وڌيڪ چيو ته نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close