دادو: گڏيل قومن جي خاص سفير ۽ هاليووڊ اداڪاره اينجلينا جولي ٻوڏ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ لا پاڪستان پهچي وئي، ڪراچي پهچڻ بعد هو هيليڪاپٽر ذريعي دادو آئي ۽ جوهي تعلقي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪرڻ بعد او پي پي ايل ڪمپني وٽ هيليڪاپٽر ذريعي لٿي، جنهن بعد اينجلينا جولي ٻيڙي ذريعي جوهي تعلقي جي ڳوٺ فقير محبت لنڊ ۽ غلام حسين پنهور ۾ ٻوڏ متاثرن وٽ پهچي ساڻن ملاقات ڪئي ۽ برساتن توڙي ٻوڏ بابت تفصيل ورتا، ان دوران ٻارڙن ۽ عورتن هن سيلفيون پڻ ڪڍرايون. جڏهن ته اينجلينا جولي کي ٻوڏ بابت پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي پاران بريفنگ ڏني وئي. اينجلينا جولي جي دوري دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، پاڪ فوج جي جوانن ۽ پوليس اهلڪارن علائقي جا رستا سيل ڪيا هئا. ٻئي پاسي ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ٻوڏن جي گهيري ۾ آهي، ٻوڏ سان متاثر ماڻهن جون حالتون ڏٺيون آهن، جن جي وڊيو ۽ تصويرون وائرل ٿيون. اهي وڊيوز ۽ تصويرون ڏسي منهنجي دل رت جا لڙڪ وهائڻ شروع ڪيا، مون کان ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن جي تڪليف ڏٺي نه ٿي، ان ڪري انهن جي مدد ڪرڻ لا پاڪستان پهتي آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close