اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي باوجود حڪومت پي ٽي آئي خلاف اڃا تائين ڪائي ٺوس ڪارروائي ناهي ڪري سگهي. 2 آگسٽ کان پو هن وقت تائين پوڻا ٻه مهينا گذرڻ باوجود فارن فنڊنگ معاملي تي حڪومت ۽ ان جا اتحادي ڪوئي فيصلو ڪرڻ کان لاچار آهن. عمران خان جي خلاف ريفرنس ۽ پي ٽي آئي تي پابندي بابت ڊڪلريشن تي حڪومتي حلقن پاران اڃا تائين مشاورت کي آخري شڪل ناهي ملي سگهي. ذريعن مطابق وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ قائم ٿيندڙ حڪومتي وزارتي ڪميٽي به هن معاملي تي ٻوٽو ناهي ٻاري سگهي. حڪومت فارن فنڊنگ بابت ايف آئي اي جي جاچ ۽ رپورٽ جو انتظار ڪري رهي آهي. ذريعن ٻڌايو ته اڃا تائين پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان سواءِ حڪومت وٽ ٻيو ڪجهه نه آهي. حڪومتي ذريعن مطابق ايف آئي اي جي جاچ رپورٽ کان پوءِ حڪومت ان ڏس ۾ پنهنجو ڪم اڳتي وڌائيندي تڪڙ ۾ پي ٽي آئي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڊڪلريشن داخل نه ڪنداسين. ايئن نه ٿئي جلدبازي ۾ ڊڪلريشن داخل ڪيو وڃي ته ان جو فائدو پي ٽي آئي کي ٿئي. ذريعن مطابق ايف آئي اي جي رپورٽ ايندڙ مهيني اچڻ جو امڪان آهي. ايف آئي اي جي رپورٽ ۾ دم خم ٿيو ته بنا دير پارٽي تحليل جو ڊڪلريشن داخل ڪرڻ کان علاوه عمران خان جي خلاف به ريفرنس داخل ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close