پاڪستانسنڌ

فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز، هاءِ ڪورٽ جو نيپرا کي ٽن ڏينهن اندر جواب ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي چارجز خلاف داخل درخواست تي نيپرا کي ٽن ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز جي خلاف درخواست تي شنوائي ٿي. امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان عدالت ۾ پيش ٿيو. ڪي اليڪٽرڪ پاران جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو. جنهن ۾ چيو ويو ته هي درخواست ٻڌڻي جوڳي نه آهي ۽ درخواست کي خارج ڪيو وڃي.

حافظ نعيم الرحمان عدالت کي ٻڌايو ته هي عوامي مفاد جو ڪيس آهي ۽ ان جي شنوائي ڪئي وڃي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته اسان هتي ئي رهون ٿا ۽ اسان کي عوام جي اهنجن جو اندازو آهي، ان حوالي سان قانوني طريقيڪار موجود آهي ۽ جيڪڏهن ان کانپوءِ به ڪي اليڪٽرڪ جا قدم غيرقانوني ڏٺا ويا ته عوام کي گذريل مهينن جو حساب ڏيندا. عدالت درخواست گذار جي وڪيل کي ڪي اليڪٽرڪ جي جواب تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي شنوائي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته عدالت نيپرا کي ٽن ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button