ڪراچي: ٻوڏ ۽ قدرتي آفت سبب پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سالگرهه نه ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلاول پاران 21 سيپٽمبر تي سندس سالگرهه جي موقعي تي ڪا وڏي تقريب نه ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. بلاول ڪارڪنن کي امدادي ڪمن ۾ مصروف رهڻ جي هدايت ڏني آهي. بلاول هائوس جي ترجمان مطابق پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ نيويارڪ ۾ موجود آهي، بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن دنيا جي نوجوان پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي سربراهي ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ ٽيوٽر تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ٻوڏ ۽ تباهي جي ڪري اڄ اسان پنهنجي چيئرمين جي سالگرهه نه پيا ملهايون. شرجيل ميمڻ چيو ته چيئرمين سڀني کي صرف امدادي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close