ڪراچي: سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي بيماريون تيزي سان ڦهلجي رهيون آهن، تفصيل مطابق سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڊائريا، ڊينگي ۽ مليريا سميت ٻيون بيماريون ڦهلجي ويون آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن اندر بيمارين سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. سنڌ جي صحت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪب آباد ۾ 5 ۽ ٽنڊوالهيار ۾ هڪ شخص فوت ٿيو. جڏهن ته فوتين ۾ 4 مرد ۽ 2 عورتون شامل آهن، سنڌ جي صحت کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڊائريا جا 14 هزار 619 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ رليف ڪئمپن ۾ ڊائريا جي علاج لاءِ ويندڙ ماڻهن جو انگ 5 لک 77 هزار 286 ٿي ويو آهي،
صحت کاتي ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن اندر چمڙي جي بيماري جا وڌيڪ 15 هزار 227 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته پهرين جولاءِ کان چمڙي جي بيمارين مان صحتياب ماڻهن جو انگ 6 لک 36 هزار 29 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مليريا جا شڪي 9 هزار 201 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ ڊينگي جا وڌيڪ 11 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ ڪل رپورٽ ٿيندڙ ڪيسن جو انگ 1100 ٿي ويو آهي، ٻين بيمار ماڻهن جو انگ 39 هزار 184 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ هڪ لک 32 هزار 503 ٿي ويو آهي، صحت کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪل 2 ڏهائي 79 ملين ماڻهن کي رليف ڪئمپن ۾ طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي.