دادو: دادو ۾ ايس يو پي پارٽي جي سربراھه زين شاھه پريس ڪلب پهچي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي موجوده حالت سبب وڏي وزير کي استعفى ڏيڻ گهرجي، فوري طور سنڌ حڪومت ختم ڪري، نگران حڪومت ٺاهي وڃي، جنهن ۾ ايماندار ماڻهو آندا وڃن، هن چيو ته صرف پنهنجا بنگلا، فصل، گهر ۽ فارم بچائڻ خاطر سڄي سنڌ ٻوڙائي وئي آهي، اڄ دادو پريس ڪلب اچڻ جو مقصد صرف اهيو آهي ته سنڌ جي عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪيو ۽ سندن کي ٻڌايو ته ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدانن ڳٽ جوڙ ڪري اربين روپين جي مال مان لکين روپين جو مال ورهايو ويو آهي، ڪرپٽ ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن تي دٻا وجهي رليف جو ڪم ڪرائجي ته جيئن لکين سنڌ واسين جي داد رسي ٿي سگهي، هي تباھي درياهه جي نه پر برسات جي آهي درياهه 6 لک پاڻي هيو 9 کان 11 لک پاڻي گذر ٿي وڃي ها پر 2 مهينن کان پيل برساتن سبب جيڪا تباھي آئي ان جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي،
2 ڏينهن جي تيز برسات سبب سنڌ ۾ لکين ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿيا ۽ لکين گهر رهڻ جهڙا نه رهيا آهن، دادو ضلعي ۾ ميهڙ کان منڇر ڍنڍ تائين رڳو پاڻي آهي، سپريو بند، ايم اين وي ڊرين ۾ ٻوڏ جي پاڻي کي روڪي منڇر تي دٻا وڌو ويو، هن رابطا مهم جو مقصد اهيو آهي ته پنهنجا حق ڇڪي ۽ گهيراۡ ڪري وٺون، پنون نه سنڌ ۾ ايريگيشن، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ جا انجنيئر، چيف انجنيئر، روينيو جي ڪرپٽ ڊي سيز جي ڪرپشن سبب سنڌ صوبي ۾ پاڻي جا قدرتي رستا، ڍوڙا، ڪچي جي زمين تي قبضا آهن. جنهن تي سپريم ڪورٽ جو 11 سال اڳ فيصلو به آيل آهي پر قبضا اڃا موجود آهن، جڏهن ته ايس يو پي سربراھه زين شاھه سان گڏ روشن ٻرڙو، غلام مصطفيٰ جانوري، ڪامريڊ نياز پنهور، امير آزاد پنهور، سجاد پنهور، امتياز عمراڻي سيمت وڏي انگ ۾ ڪارڪن موجود هيا.