اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ مارچ کي سپورٽ ڪندڙ صوبن خلاف ڪارروائي ٿيندي:گهرو وزير

اسلام آباد :تحريڪ انصاف جي امڪاني احتجاج ۽ ڌرڻي سبب اسلام آباد انتظاميا سيڪيورٽي انتظام شروع ڪري ڇڏيا، ڊي چوڪ کي ڪنڊيدار تارون ۽ ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو. جڏهن ته وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته رياست جي گادي واري شهر تي چڙهائي لاءِ جيڪو صوبو لانگ مارچ کي سپورٽ ڪندو، ان خلاف ڪارروائي جو اختيار آئين وفاق کي ڏئي ٿو. هيومن ٽريفيڪنگ سيمينار بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان سڳ سوڌو پڪڙيو ويو آهي، هن غير قانوني حرڪت ڪئي. اهڙو نالائق پٽ هجي ته ماءُ پيءُ به پيار ناهن ڪندا، هي همراهه سڄي قوم ۽ نوجوان نسل کي نفرت سيکاري رهيو آهي. عمران خان 26 ڪروڙ رُپين جو فراڊ ڪيو، سونا قلم چوريائين، جيڪڏهن شوڪت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جي اڪائونٽن جي چاج پڙتال ڪئي وڃي ته ان ۾ به عمران خان چور ثابت ٿيندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان توهين عدالت ڪئي آهي جيڪا ثابت ٿي چڪي آهي. هاڻي جيڪڏهن هو معافي گهرندو ته ڇا توهين عدالت ختم ٿي ويندي؟ گهرو وزير چيو ته عمران خان جيڪا لعنت ڪمائي آهي، ان مان ڪڏهن به نه بچي سگهندو، هن قوم جو پنجاهه ارب ٻوڙيو، القادر ٽرسٽ جي نالي تي پنج ارب رُپيا ورتائين. سندس چوڻ هو ته چرئي ۽ بيوقوف شخص سان ڪنهن به قسم جو ڳالهيون نٿيو ٿي سگهن، جنهن سندس حمايت ڪئي هئي، اڄ اهي به پڇتائي رهيا آهن. عمران خان جي شر کان ڪير به محفوظ ناهي، جيڪڏهن اڃا به قوم نه سمجهيو ته اهو اهڙي قسم جو چريو آهي جهڙو جرمني ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن جي چريائپ جي سبب قوم پنجاهه سال غلاميءَ ۾ گذاري ڇڏيا. عمران خان جي امڪاني لانگ مارچ بابت ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته جيڪي صوبا لانگ مارچ جي سپورٽ ڪندا اها آئين جي ڀڃڪڙي هوندي ۽ اهڙي صورتحال ۾ وفاق آئين پٽاندڙ قدم کڻندي. هن چيو ته اسان پهريان مسلمان آهيون، ديني عالم ان معاملي تي رهمنائي ڪن ته ٽرانس جينڊر بابت اسان جو مذهب ڇا ٿو چوي. جيئن دين چوي ٿو ان موجب پنهنجي زندگي کي ريگوليٽ ڪرڻ گهرجي، ان کانسواءِ زندگي گذارينداسين ته ڪنهن به پاسي جا نه رهنداسين. ٻئي طرف اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو ته ڪجهه ماڻهن پنهنجا سياسي مطالبا مڃرائڻ لاءِ پنجاب کان وفاق جو رخ ڪيو آهي، ڪنهن به امڪاني لا اينڊ آرڊر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ريڊ زون جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ريڊ زون جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن تي پوليس جا وڏا اٽالا بيهاريا ويا آهن. شهر ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن سان قانون مطابق منهن ڏنو ويندو. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي لاءِ اسلام آباد پوليس صوبن کان پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جا 30 هزار اهلڪار گهري ورتا. اسلام آباد جي داخلي رستن تي سوين ڪنٽينر رکڻ سان گڏ خندقون به کوٽيون وينديون. ذريعن مطابق واڌو ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس اڇلائيندڙ ڊونرز به گهرايا ويا. جڏهن ته ايف سي جا 3 هزار اهلڪار اسلام آباد پهچي چڪا آهن. ٻئي پاسي ذريعن ٻڌايو ته پنجاب، خيبرپختونخوا اڃا تائين نفري ڏيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button