پاڪستانسنڌ

ڪراچي جي 39 يوسيز جي سيوريج ۾ پوليو وائرس هجڻ جي تصديق

ڪراچي: ڪراچي جي 39 يوسيز ۾پوليووائرس جي تصديق ٿي وئي آهي ڪراچي جي 39 يوسيز جي سيوريج مان ورتل نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. ايڏي وڏي انگ ۾ يوسيز ۾ پوليو وائرس جو هجڻ خطري جي گهنٽي آهي. رپورٽ مطابق پوليو وائرس بلديا ٽائون، گڏاپ، ناظم آباد ۽ ڪيماڙي جي يوسيز ۾ ڏٺو ويو آهي، شهر ۾ ٻارڙن جي پوليو وائرس سان متاثر ٿيڻ جي خدشي سبب سمورين 39 يوسيز ۾ جنگي بنيادن تي پوليو روڪٿام مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو جي 19 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ هي سمورا ڪيس خيبرپختونخواهه ۾ رپورٽ ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button