جھول: جھول لڳ سانگهڙ ويندڙ قيدين جي گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار فوت ٿي ويو، وارثن روڊ بلاڪ ڪري ڊرائيور جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ان سلسلي ۾ سانگھڙ پوليس لائين جي شنوائي تي مختلف ڪورٽن مان قيدي کڻي ويندڙ گاڏي سنڌ ھائي ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۽ ايڊيشنل سيشن جج شھدادپور جي عدالت مان قيدين کي واپس ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ واپس کڻي اچي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب جھول لڳ سيد راڄن شاهه لڳ روڊ پار ڪندڙ مينھن جي ڌڻ ۽ ڌنار مٿان چڙھي وئي، جنھن سبب ڌنار زخمي ٿي پيو ۽ 2 مينھون موقعي تي مري ويون. گھنڊڻ واسي 28 ورھين جي زخمي ڌنار نظير احمد عرف مٽو گبول پٽ فضل گبول کي سول اسپتال سانگھڙ نيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. معلوم ٿيو آهي ته ڌنار جي 2 مھينا اڳ شادي ٿي ھئي ۽ ھو ٽئڪسي ڊرائيور فضل گبول جو پٽ آھي. حادثي وقت ڪيترائي ڳوٺاڻا ۽ زخمي جا وارث پھچي ويا، جن قيدي واري گاڏي جو گھيرا ڪيو ته ڊرائيور سرڪاري گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن روڊ بلاڪ ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري مٿس قتل جو ڪيس ڪرڻ لاءِ سانگھڙ-حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڌنار جي والد فضل گبول، گھنڊڻ جي نيڪ مرد علي خان چانگ ۽ سليم خاصخيلي سميت ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين ڊرائيور کي گرفتار ڪري قتل ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، تيستائين احتجاج جاري رھندو. ڊي ايس پي ڄام نواز علي ۽ ايس ايڇ او جھول ڳوٺاڻن سان ڳالھيون ڪري روڊ کولڻ جو چيو، پر ڳوٺاڻن انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ضلعي جي مختلف ٿاڻن جا پوليس اٽالا حادثي واري ھنڌ پھچي ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جھول ٻڌايو ته حادثو ڪندڙ گاڏي جو ڊرائيور گرفتار آهي، پوليس متاثرن جو ڪيس داخل ڪرڻ تيار آهي، پوءِ به مظاهرو ختم نه ڪرڻ واري ڳالهھ سمجهھ کان ٻاهر آهي. جڏھن ته مسلم ليگ فنڪشنل ۽ حر جماعت جي اڳواڻن علي خان چانگ ۽ علي حسن مري پھچي ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close