پاڪستان

پاڪستان جو وڏو حصو ٻڏل آهي،متاثرن جي فوري مدد ڪئي وڃي: جو بائيڊن

آمريڪي صدر جو بائيڊن گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن کان ٻوڏ سبب متاثر ٿيل پاڪستان جي مدد لا اپيل ڪري ڇڏي، بائيڊن چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ملڪ جو وڏو حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، جنهن کي فوري مدد جي ضرورت آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ تقرير ڪندي جو بائيڊن چيو ته پاڪستان ٻوڏ سبب ڏکياين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو وڏو حصو پاڻي هيٺ آهي، اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته موحولياتي تبديلي جي قيمت انسانيت کي ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان بچڻ لاءِ سمورن ملڪن کي گڏجي جوڳا ۽ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته آمريڪا يوڪرين ويڙهه جو جائز شرطن تي خاتمو چاهي ٿو، اسان روس جي جارحيت خلاف يوڪرين سان گڏ بيٺا آهيون، ويڙهه هڪ شخص جو فيصلو هو جنهن ۾ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن ۽ وڏي پئماني تي مالي نقصان پڻ ٿي رهيو آهي، سڀني ملڪن کي ياد رکڻ گهرجي ته ايٽمي ويڙهه کٽي نه ٿي سگهجي، روس گڏيل قومن جي چارٽر جي بي شرمي سان ڀڃڪڙي ڪئي، روس کي ڪنهن به ڌمڪي ناهي ڏني، توهان ظاقت جي زور تي ڪنهن به ملڪ مٿان قبضو نٿا ڪري سگهو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button