عمرڪوٽ/ سامارو: سامارو لڳ قتل ٿيل عورت آمنه زال صديق ڳھلڙو قتل ڪيس ۾ الزام ھيٺ آيل ڌر جي ھٿياربندن مبينا طور عورت جي نياڻي کي اغوا ڪرڻ ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي، نياڻي جي ڀاءُ حاجي عثمان جي فون تي پوليس پھچي کيس بچائي ورتو. متاثر نياڻي خاني ۽ سندس ڀا حاجي عثمان پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ نورجھان ڳھيلڙو سان گڏ پريس ڪلب عمرڪوٽ پھتا. پ پ اڳواڻ نورجهان ڳهلڙو، قتل ٿيل آمنه جي ڌيءَ خاني ڳهلڙو ۽ سندس ڀا امام بخش گهلڙو ۽ پٽ حاجي ڳهلڙو چيو ته منھنجي ما بعد قاتل ڀيڻ خاني ڳھلڙو کي به ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ چاھين ٿا، بروقت پوليس کي اطلاع نه ڪريون ها ته ظالم کيس قتل ڪري ڇڏين ها. ياد رهي ته 8 ڏينهن اڳ ڳوٺ حاجي جانمحمد ڳھلڙو ۾ آمنه زال صديق ڳھيلڙو کي ڇري سان ڪُھي قتل ڪيو ويو ھو. ٻئي پاسي 45 سالن جي عورت آمنه زال محمد صديق ڳھلڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد گرفتار جوابدار سندس مڙس محمد صديق، سندس زال وسندي، پٽ رزاق، پرڻيل ڌي زليخان ۽ سندس نوجوان پٽ رحمت الله ڳھلڙو کي سامارو پوليس سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت 5 ئي گرفتار جوبدارن کي 3 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close