عمرڪوٽ:عمرڪوٽ ۾ معذور شاگردن جي اسڪول کي تالا لڳي ويا، ضلعي جي سوين معذور ٻارن کي تعليم ڏيڻ لا قائم ڪيل فقط هڪ ئي اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول کي انتظاميا نه هلائي سگهي، جنهن سبب ڪيترن ئي مهينن کان اسڪول بند پيل آهي ۽ اسڪول ۾ مقرر استاد ۽ عملو گهر ويهي پگهار کڻڻ لڳو آهي، بند پيل اسڪول مان پکا چوري ٿي ويا ۽ فرنيچر به سڙي ويو، معذور ٻارن کي اسڪول آڻڻ واريون گاڏيون به ٽائر خراب ٿيڻ سبب بيٺل آهي. ٻارن جي سارسنڀال لا مقرر اٽينڊٽ به 5 سالن کان ڊيوٽي کان گم آهي. شاگردن جي وارثن چيو ته ٻار معذور آهن، اسڪول وڃڻ چاهين ٿا، پر اسڪول بند آهي، پرنسپال اسڪول کي تباهه ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close