پاڪستان

عمران خان حڪومت خلاف ڇنڇر کان تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت خلاف 24 سيپٽمبر ڇنڇر جي ڏينهن کان “حقيقي آزادي تحريڪ” جي شروعات جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ قانون جي بالادستي جي ضرورت آهي، جيستائين انصاف جو نظام ٺيڪ نه ٿيندو تيستائين ملڪ جي معيشت ٺيڪ نه هوندي ۽ قانون جي بالادستي تائين ملڪ ۾ سيڙپڪاري به نه ايندي، وڪيل برادري کي ملڪ ۾ قانون ۽ حڪمراني لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، مونکي ملڪ جي سڌاري لاءِ وڪيلن جي ضرورت آهي، جڏهن لانگ مارچ جو سڏ ڏيندس ته قوم سان گڏ توهان وڪيلن کي به نڪرڻو پوندو، اسان گڏجي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين ۽ پاڪستان کي حقيقي آزادي ڏيارينداسين، ڇاڪاڻ ته قانون جي بالادستي نه هجي ته ملڪ ۾ ڪرپشن ٿيندي آهي، اڄ پاڪستان ۾ تاريخ جي سڀ کان گهڻي مهانگائي آهي، اسان ملڪ کي هن ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍنداسين، هڪ دفعي ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿي وڃي ته اسان ملڪ جون حالتون ٺيڪ ڪري ڏيکارينداسين، جڏهن سمنڊ پار پاڪستاني هتي سيڙپڪاري ڪندا ته اسان کي آ ايم ايف کان قرض وٺڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، عوام کي ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪريان ٿو، جيڪي توهان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن انهن کي جوابي ڌمڪي ڏئي چئو ته آئين مون کي اظهار جي آزادي جو حق ڏنو آهي. پي ٽي آ سربراهه چيو ته جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي اهو تباهه ٿي ويندو آهي، جڏهن کان مخالف پرڏيهي سازش ڪري اقتدار ۾ آيا آهن، تڏهن کان هنن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هنن پاڻ تي داخل نيب جا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا آهن، هن ملڪ ۾ طاقتور سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، امير ۽ غريب ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ۾ فرق آهي، غريب ملڪن ۾ قانون ته آهي پر انصاف ناهي، جڏهن ته امير ملڪن ۾ قانون جي ئي حڪمراني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button