اسلام آبادپاڪستان

ٽرانسجينڊر ايڪٽ تي شرعي عدالت جو فيصلو حتمي هوندو:وزارت قانون

اسلام آباد :قانون بابت وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ٽرانسجينڊر قانون ۾ خامي جي نشاندهي ٿي آهي، پارليامينٽ شريعت جي ابتڙ قانونسازي نٿي ڪري سگهي. حڪومت شرعي عدالت ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ٽرانسجينڊر ايڪٽ تي شرعي عدالت جو فيصلو حتمي هوندو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائرا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته پارليامينٽ ۾ بل پاس ٿيڻ جي ٻن سالن کانپوءِ ڪجهه شڪايتون سامهون آيون، کدڙن فقيرن جا حق نه کسجڻ گهرجن ۽ نه دل آزاري ٿيڻ گهرجي، آئين چئي ٿو ته ڪنهن شخص سان ان جي جنس تي امتيازي ورتاءُ نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سال 2018 کان اڳ ٽرانسجينڊر قانون نه هو، سپريم ڪورٽ 2013 ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ته ٽرانسجينڊر به ملڪ جا شهري آهن، قانون پاس ڪرڻ کان اڳ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين کان راءِ ورتي وئي. سينيٽر مشتاق شڪ تي سوال اٿاريو ته کدڙن فقيرن جي جنس جي بنياد تي ميڊيڪل رپورٽ سان جوڙيو. سينيٽر مشتاق تجويز ڏني ته کدڙن فقيرن جي سرجري تي پابندي لڳائي وڃي، مولانا فضل الرحمان ٽرانسجينڊر قانون ۾ وراثت تي مون کي تجويزون ڏنيون، ٽرانسجينڊر قانون ۾ وراثت تي شريعت ۽ عدالت جي رهنمائي گهرجي. ان موقعي تي ڪمر زمان ڪائرا چيو ته سينيٽر مشتاق بل ان قانون جو غلط استعمال روڪڻ لاءِ پيش ڪيو، سينيٽر مشتاق ٽرانسجينڊر قانون جو غلط استعمال روڪڻ تي آواز اٿاريو. سينيٽر مشتاق جي تجويز ڪيل ترميم ٽرانسجينڊر قانون کي وڌيڪ بهتر ڪندي، سموريون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ ان ترميم جي حمايت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ٽرانسجينڊر قانون ۾ ترميم اڃا ناهي ٿي پر ٿيڻ گهرجي. ترميم جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، سينيٽر مشتاق قطعي طور ان قانون کي غلط نه چيو، اظهار جي آزادي جو مطلب ملڪ ۾ اختلاقيات تباهه ڪرڻ ناهي، پاڻ کدڙن فقيرن جي تنظيمن به ميڊيڪل جاچ سان جنس مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button