پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن جي ڊي ايس پي کان 8 لک رپين جي ڦر

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڊالميا شانتي نگر ويجهو پوليس آفيسر ڦورن هٿان لٽجي ويو. ڊي ايس پي کان 8 لک رپيا کسي ڦورو فرار ٿي ويا. پوليس موجب ڦورن عزيز ڀٽي جي علائقي ڊالميا شاندي نگر ويجهو ڊي ايس پي سعد جبار کي ڦري ورتو، جيڪو بئنڪ مان رقم کڻي اچي رهيو هو، جوابدار واردات دوران ڊي ايس پي کان 8 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا آهن. شروعاتي جاچ مطابق جوابدار بئنڪ کان تاڙ ۾ هئا. پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ٻئي پاسي سپر هاءِ وي جي علائقي گلشن معمار احسن آباد دلدار ڳوٺ لڳ عمراني ڳوٺ ۾ ڦورن واردات دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو 20 ورهين جو سهيل ولد عبدالقدير ۽ 20 ورهين جو علي بخش ولد امير بخش جي نالي سان زخمين جي سڃاڻپ ٿي، پوليس جاچ شروع ڪري ڏني آهي، ان کان سواءِ اينٽي ويڪل پوليس ايم اي جناح روڊ تان مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ ڦر ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ 22 ورهين جي ڪاشف ولد پرويز ۽ 19 ورهين جي نظيرالله ولد محمد شفيع جي نالي سان ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button