اسلام آبادپاڪستان

عمران عورت جج کي ڌمڪي تي عدالت کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد :پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ معافي گهري ورتي. جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي معافي واري فيصلي کي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو آهي ته توهين عدالت جي ڪارروائي مناسب ناهي، عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي عمل کي روڪي رهيا آهيون. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، شاهه محمود قريشي، شبلي فراز ۽ عمران خان جو وڪيل حامد خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتا. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران عمران خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن هن ڪا ريڊ لائين ڪراس ڪئي آهي ته ان تي معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيان. جيڪڏهن عدالت ٻيو ڪجهه چاهي ته اهو ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان. عمران خان عدالت کي چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ته مان عورت جج وٽ ويندس، مان معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان، مون جيڪو ڪجهه چيو، اهو ڄاڻي واڻي نه هو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اوهان بيان رڪارڊ ڪرايو ٿا ته پوءِ فرد جرم جي ڪارروائي نٿا هلايون. اوهان بيان جي سنگيني کي سمجهيو، اسان اوهان جي ان عمل کي ساراهيون ٿا. هاڻ اوهان لکت ۾ حلفي بيان جمع ڪرايو پوءِ عدالت اُن جو جائزو وٺندي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ان جي تعريف ڪندا آهيون. جيڪو ٿيڻ نه گهرجي ها. جيڪڏهن توهان کي غلطي جو احساس آهي ته عدالت ان کي ساراهي ٿي.عدالت عمران خان کي لکت ۾ حلفي بيان جمع ڪرائڻ لاءِ 29 سيپٽمبر تائين جي مهلت ڏيندي ڪيس جي شنوائي ٽي آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت عمران خان کي حڪم ڏنو ته 29 سيپٽمبر تي لکت ۾ حلفي بيان جمع ڪرايو. جڏهن ته عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. ٻن ايس پيز سميت ست سئو ڏهه آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، هاءِ ڪورٽ جي چوڌاري سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان مانيٽرنگ ڪئي وئي ۽ ڪنهن به غير لاڳاپيل شخص کي عدالت جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي. عدالت طرفان لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته هو عمران خان جي معافي کان مطمئن آهي ۽ جيڪڏهن عمران خان بيان حلفي ڏئي ٿو ته ان تي غور ڪيو ويندو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته منهنجو واعدو آهي هن ڀيري توهان کي اسلام آباد ۾ لڪڻ نه ڏيندس. اسلام آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 25 مئي تي اسان جي تياري نه هئي، اسان پرامن احتجاج لاءِ نڪتاسين. اسان تي ظلم ڪيو ويو، راڻا ثناءُ الله کي هاڻ ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هيل تياري ڪري اينداسين. هن چيو ته اهي پنهنجا ڪرپشن ڪيس معاف ڪرائي رهيا آهن ۽ ماڻهو مهانگائيءَ سبب عذاب ۾ آهن. آءِ ايم ايف چئي رهيو آهي ته بجلي اڃا مهانگي ٿيندي، انهن جو حڪومت ۾ اچڻ جو مقصد عوام جي خدمت نه پنهنجي چوري بچائڻ آهي. سندس چوڻ هو ته ڇنڇر تي فيصلو ڪندس ته ڪڏهن سڏ ڏيڻو آهي، ڪال ڏيڻ جو فيصلو تڏهن ڪندس جڏهن ڏسندس ته منهنجا ٽائيگرز آزادي لاءِ تيار آهن. آزادي ڪو پليٽ ۾ رکي ناهي ڏيندو، جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. عمران خان چيو ته هن نظام تي قبضو ڪندڙ اڄ مزا ڪري رهيا آهن، نظام تي قابض ماڻهو اسان کي جيئڻ نه پيا ڏين، اسان ملڪ کي حقيقي آزادي ڏيارينداسين، آزادي لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي، جهاد ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته اسان روس کان 5 مهينا اڳ تيل ۽ ڪڻڪ جي ڳالهه ڪري چڪا هئاسين، پاڪستان ۾ بدترين مهانگائي آهي، ڪنهن ۾ جرئت نه هئي ته سستو تيل ۽ ڪڻڪ وٺي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان 890 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اسان ٻئي ملڪ جي جنگ ۾ شامل ٿياسين، ملڪ تباهه ٿي ويو، قبيلائي علائقن ۾ ڊرون حملا ٿيا. هن ن ليگ قائد ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين کي مخاطب ٿيندي چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻئي غلام آهن، جن جو پئسو ٻاهر پيو آهي، انهن ٻنهي ڊرون حملن جي اجازت ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button