دادو: دادو ڀرسان مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ڳوٺ الھرکيو سھاڳ ۾ زميني تڪرار تان پرڻيل عورت قتل، ايس ايس پي موڙ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڊي ايس پي جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو. خبر موجب دادو ڀرسان مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهرکيو سهاڳ ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري پرڻيل عورت نصيبان زال صالح سهاڳ کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پھچي قتل ٿيل عورت جو لاش سول اسپتال دادو منتقل ڪيو، مقتولا جي ڀاءَ بخشل سهاڳ جو چوڻ هو ته فجر وقت مخالف ڌر جي قربان، گل محمد، نثار سھاڳ ۽ ٻن نامعلوم ھٿياربندن گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اسان جي ڀيڻ قتل ٿي آهي،
جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مقتولا جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ايس پي موڙ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ڊي ايس پي دادو مظاهرين وٽ پهچي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو، پوليس موجب واقعو پراڻو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، ڪجھه مھينا اڳ ٻي ڌر جو گلزار پٽ قربان سھاڳ قتل ٿيو ھو، پلاند ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنھن ۾ عورت قتل ٿي. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.