ڪوٽڙي: سيشن ڪورٽ ڄامشورو اڳيان ايس ڊي اي جي پلاٽ تي بااثر بلڊر پاران ڪيل قبضي بعد تعميراتي ڪم بند نه ٿيو، جنهن بعد ايس ڊي اي جي سيڪريٽري اينٽي انڪروچمينٽ سيل کي قبضو هٽائڻ لا خط لکي ڇڏيو، گڏوگڏ سيڪريٽري پاران ڊي سي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي به خط لکي ڄاڻايل زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لا اپيل ڪئي وئي آهي، خطن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلڊر امين ٻٻر ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس آڏو غيرقانوني قبضو ڪري رهيو آهي، جنهن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.
سيڪريٽري ايس ڊي اي سڄڻ ڪيهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته بلڊر امين ٻٻر جي الاٽمينٽ 53 لکن جي ٻن بوگس چيڪ ڏيڻ سبب رد ٿي چڪي آهي، پلاٽ جو مالڪ ايس ڊي اي ادارو آهي، الاٽمينٽ رد ٿيڻ کانپو ليز ڏيڻ جو اختيار گورننگ باڊي کي هوندو آهي، جڏهن ته گورننگ باڊي جي منظوري کانسوا هر قسم جي ليز غيرقانوني آهي. سيڪريٽري موجب بلڊر امين ٻٻر خلاف بوگس چيڪ ڏيڻ تي 420 جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو. سيڪريٽري ٻڌايو ته اسان جي ٽيم زمين تان قبضو ختم ڪرڻ پهتي ته بلڊر موتمار ڌمڪيو ڏنيون آهن.